حڪومت پي ٽي آءِ کي هڪ دفعو ٻيهر ڳالهين جي آڇ ڪري ڇڏي

اسلام آباد: حڪومت پي ٽي آءِ کي هڪ دفعو ٻيهر ڳالهين جي آڇ ڪري ڇڏي. وفاقي پيٽروليم واري وزير مصدق ملڪ اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس دوران پي ٽي آءِ کي ڳالهين جي آڇ ڪندي چيو ته اسان چئون ٿا ته گڏجي ويهي ڳالهين جا معاملا بهتر بنايون.

پيٽروليم واري وزير چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي ذهن ۾ صرف 3 شيون آهن، اولين ترجيح غريبن جي ٻارن کي روزگار ڏيڻ آهي. ٻيو ته مهانگائي جي بار کي ختم ڪرڻو آهي ۽ ٽيون غربت کي ختم ڪرڻو آهي.

هن چيو ته عوام کي خبر آهي ته ڪنهن ڇا ڪيو آهي اڄ تائين ڪنهن جي منهن کان نه ٻڌو آهي ته مهانگائي کي ڪيئن ختم ڪنداسين؟ گذريل ڏينهن ٽرينڊ هلايو ويو هو ته ڪپتان ناهي ته پاڪستان ناهي، ملڪ دشمن عناصر ترقي ۾ رنڊڪون پيدا ڪري رهيا آهن پاڪستان آهي ته اسان سڀ آهيون، پي ٽي آءِ باني چوي ٿو ته (ن) ليگ اسٽيبلشمينٽ کان اسان جو جهيڙو ڪرائي رهي آهي.  

مصدق ملڪ چيو ته ڳالهيون ڪريو پر برباد نه ڪريو، ملڪ کي مسئلن ۾ نه منجهايو، اسان اڳ به چيو هو ته اچو حڪومت ٺاهيون، اوهان چئو ٿا ته اسان حڪومت نه ٺاهينداسين، اڄ اوهان ٻيهر رڙيون ڪري رهيا آهيو، اوهان پنهنجن ٻارن جي مستقبل سان کيڏي رهيا آهيو، اسان کي هٽائڻو آهي ته هٽائي ڇڏيو پر جيڪڏهن ملڪ ۾ ساڳئي صورتحال رهي ته تباهه ٿي ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔