ايران ۾ ترقي پسند سوچ وارو صدر چونڊجي ويو، عوام جون جهمريون

تهران : گهٽ مشهور پر کليل سوچ جو حامي 71 سالن جو مسعود پيزشڪيان ايران جو نئون صدر چونڊجي ويو آهي. مسعود پيزيشڪيان ايران کي دنيا لاءِ کولڻ ۽ شهرين کي آزادي ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو. ايران جي گهرو وزارت جاري ڪيل بيان م چيو آهي ته گذريل جمعي تي ٻئي مرحلي ۾ 53.3 سيڪڙو ووٽ حاصل ڪري هن ڪاميابي ماڻي آهي. پهرين مرحلي ۾ 60 سيڪڙو ايراني ووٽرز صدارتي چونڊ ۾ ووٽ نه ڏنو هو جنهن سبب ڪنهن به اميدوار کي واضح اڪثريت نه ملي هئي. ايراني قانون موجب گهٽ ۾ گهٽ 50 سيڪڙو ووٽ حاصل ڪرڻ ضروري آهن. بظاهر ته 4 اميدوارن ۾ مقابلو هو پر اصل مقابلو ترقي پسند مسعود پيزيشڪيان ۽ رجعت پسند سخت گير سوچ واري سعيد جليلي ۾ ٿيو. سعيد جليلي ايران جا لاڳاپا روس ۽ چين سان وڌيڪ مظبوط ڪرڻ جو حامي آهي ۽ هو نيوڪليئر ڳالهين ۾ به پيش پيش هو. رجعت پسند رجيم ۾ پيشي جي لحاظ کان دل جو سرجن ڊاڪٽر مسعود پيزيشڪيان لاءِ اعلان ڪيل شهري آزاديون بحال ڪرڻ واري پاليسي تي عمل ڪرڻ جو وڏو چيلينج هوندو. هو زوري عورتن کي مٿو ڍڪي هلڻ جي پاليسي تي عمل ڪرائيندڙ اخلاقي پوليس جو وڏو ناقد به رهيو آهي. گذريل مئي ۾ ايراني صدر ابراهيم رئيسي جي هيليڪاپٽر حادثي ۾ مارجڻ سبب ايران ۾ وقت کان اڳ صدارتي چونڊون ڪرايون ويون. گذريل سال رجعت پسند رجيم جي پابندين واري گهٽيل ماحول خلاف ملڪ ۾ وڏي هلچل رهي، عورتون احتجاج دوران پنهنجا برقعا ۽ پوتيون ساڙينديون هيون، وار ڪٽي باهه ۾ اڇلائينديون رهيون، نوجوان مرد توڙي يورتون سراپا احتجاج هيون تعليمي ادارن م به رجعت پسند رجيم خلاف وڏي پيماني تي احتجاج ٿيندا رهيا. جنهن م زندگي جي هر شعبي جي ماڻهن حصو ورتو، اداڪارن، اديبن ۽ شاعرن کي مزاحمت تي جيلن ۾ قيد ڪري موت سميت سخت سزائون ڏنيون ويون هيون. ڪيتريون ئي اهڙيون ويڊيوز به وائرل ٿيون هيون جن ۾ نوجوان ايراني سرڪاري ڪارن جبن ۽ پڳڙين وارن مولوين جون سر عام پڳڙيون لاهي رهيا هئا. ايران ۾ هن ڀيري 1979 واري انقلاب بعد پهريون ڀيرو،  پهرين مرحلي ۾ 40 سيڪڙو ووٽ ڪاسٽ ٿيڻ بعد سوشل ميڊيا تي اهو بحث شروع ٿي ويو هو ته ايراني عوام رجعت پسند رجيم خلاف بغاوت ڪئي آهي. ايران جي 85 سالن جي روحاني رهبر خامنائي ان جي ترديد ڪئي هئي. رجعت پسند رجيم جي حامي سعيد جليلي جي شڪست ۽ ترقي پسند سوچ واري مسعود پيزيشڪيان جي ڪاميابي تي ايران عوم مختلف انداز ۾ خوشي ملهائي رهيا آهن، مختلف شهرن جي روڊ ۽ رستن، گهٽين ۽ بازارن ۾ ڪٿي ڊانس پئي ٿئي ته ڪٿي هارن وڄائي خوشي جو اظهار ڪيو پيو وڃي.ياد رهي ته مسعود پيزيشڪيان اڳ ۾ رجعت پسند رجيم ۾ وزير رهي چڪو آهي. سندس ڪاميابي تي صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف ڌار ڌار جاري ڪيل بيانن ۾ کيس مبارڪباد ڏيندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته سندس ڪاميابي سان خطي م امن ۽ سلامتي واريون ڪوششون ڪامياب ٿينديون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔