پنجاب ۾ اٽي جي اگهن ۾ وڏي گهٽتائي جو اعلان

لاهور: پنجاب ۾ اٽي جي 20 ڪلو ٿيلهي جي قيمت ۾ 80 رپيا گهٽتائي ڪئي وئي آهي.صوبائي وزير خاور بلال ياسين جي پاڪستان فلور ملز ايسوسيئيشن جي نمائندن سان ملاقات کانپوءِ فلور ملز جي نمائندن اٽي جي اگهه ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪيو.پنجاب جي وڏي وزير جي هدايت تي صوبائي خوراڪ واري وزير بلال ياسين پاڪستان فلور ملز ايسوسيئيشن جي نمائندن سان ملاقات ڪئي، جنهن کانپوءِ فلور ملز جي نمائندن اٽي جي 20 ڪلو ٿيلهي جي قيمت ۾ 80 رپيا گهٽتائي جو اعلان ڪيو.بلال ياسين چيو ته پنجاب جي وڏي وزير جي هدايتن تي عوام کي رليف فراهم ڪرڻ اولين ترجيح آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔