پاڪستان جي روس کي بارٽر ٽريڊ شروع ڪرڻ جي آڇ

استانا: پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف روسي صد ولاديمير پيوٽن کي ٻنهي ملڪن ۾ بارٽر ٽريڊ يعني مال جي بدلي مال واري واپاري سهولت شروع ڪرڻ ۽ ٻطرفي واپار جو مقدار وڌائڻ جي آڇ ڪئي آهي. قزاخستان جنهن کي پاڪستان ۾ قازقستان به چيو ويندو آهي، ان جي گادي واري شهر استانا ۾ 3 کان 4 جولاءِ واري ٻن ڏينيهن جي شنگهائي تعاون تنظيم جي سمٽ جي موقعي تي روسي صدر سان ٿيل ملاقات ۾ هن اها پيشڪش ڪئي. روسي صدر سڀني ميمبر ملڪن جي نمائندن سان ملاقاتون ڪري رهيو آهي. وزيراعظم کيس چيو ته بارٽر ٽريڊ شروع ڪرڻ لاءِ مالياتي ۽ بئنڪنگ جا جيڪي به مسئلا آهن اهي گڏجي حل ڪري سگهجن ٿا. شهباز شريف کيس ٻڌايو ته ٻنهي ملڪن ۾ 1950 کان وٺي 1960 تائين بارٽر ٽريڊ ٿيندو رهيو جيڪو ٻنهي ملڪن جي فائدي ۾ هو. ”مان سمجهان ٿو ته اڄ وقت اچي ويو آهي ته اسان پنهنجي پراڻي واپار جو طريقو ٻيهر شروع ڪريون ۽ ساليانو هڪ ارب ڊالر جو واپاري مقدار به وڌايون، ان سان بنهي ملڪن کي فائدو ٿيندو. وزيراعظم روسي صدر سان سيپٽمبر 2022 ۾ ساڳئي تنظيم جي ازبڪستان م ٿيل ملاقات ياد ڪرائيندي چيو ته اسانکي اڳتي وڌڻ گهرجي ۽ اسانکي پنهنجا سفارتي تعلقات ڪنهن خاص علائقائي تناظر يا مفاد ۾ نه ڏسڻ گهرجن. ٻنهي ملڪن جي وفدن ۾ به تفصيلي ملاقاتون ٿيون آهن. روسي صدر چيو ته واپاري لاڳاپن سبب ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن م بهتري آئي آهي، روس خوراڪ جي قلت گهت ڪرڻ، توانائي ۽ زراعت جي شعبي ۾ پاڪستان سان تعاون لاءِ تيار آهي. پاڪستان وچ ايشيائي رياستن سان وايا افغانستان روڊ رستي تجارت وڌائڻ چاهي ٿو ۽ ان ڏس م تازو اين ايل سي جي ٽرڪن جو فليٽ پڻ سامان کڻي ويو هو. ڊپٽي وزيراعظم اسحاق ڊار، دفاع وارو وزير خواجا آصف ۽ اطلاعات وارو وزير عطا تارڙ به وزيراعظم سان گڏ آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔