بابر اعظم جي بدلي بابت اڃا تائين ڪو به فيصلو ناهي ڪيو،نقوي

لاهور : پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي چيئرمين محسن نقوي چيو آهي ته بابر اعظم جي بدلي بابت اڃا تائين ڪو به فيصلو ناهي ڪيو ويو.لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي محسن نقوي چيو ته ڪپتان تبديل ڪرڻ جو فيصلو اڳوڻو ڪرڪيٽر ڪندا.هن چيو ته مون وهاب رياض کي چيف سليڪٽر ناهي بڻايو، مون کيس چيف سليڪٽر مان رڳو سليڪٽر بڻايو، جلد ئي سڀني کي خبر پئجي ويندي ته ڪير سليڪشن ڪميٽي ۾ آهي ۽ ڪير ناهي.محسن نقوي جو چوڻ آهي ته مون کي به محسوس ٿيو ته غلطيون ٿيون پر اڳوڻو ڪرڪيٽر فيصلو ڪندا، بابر اعظم ۽ وهاب رياض ورلڊ ڪپ کانپوءِ ملاقات نه ڪئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔