اعظم خان لنڪا پريميئر ليگ مان دستبردار ٿي ويو

لاهور :پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي بيٽسمين اعظم خان لنڪن پريميئر ليگ مان دستبردار ٿي ويو آهي.ذريعن موجب اعظم خان لنڪا پريميئر ليگ جي اين او سي لاءِ درخواست ناهي ڏني.قومي ڪرڪيٽر ٻه ليگ واري پاليسي سبب رڳو وڏين ليگ کي ترجيح ڏئي رهيا آهن.ذريعن جو چوڻ آهي ته اعظم خان ڪيريبين پريميئر ليگ ۽ آءِ ايل ٽي ٽوئنٽي کيڏندو.اعظم خان اڃا تائين سي پي ايل لاءِ درخواست نه موڪلي آهي، اعظم 28 آگسٽ کان شروع ٿيندڙ سي پي ايل جي اين او سي لاءِ هن هفتي درخواست ڏيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔