پاڪستان ۾ مهانگائي جي شرح 6 مهينن ۾ پهريون ڀيرو وڌي: بلومبرگ

اسلام آباد :ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح 6 مهينن کانپوءِ پهريون ڀيرو وڌي وئي.عالمي مالياتي ويب سائيٽ بلومبرگ ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح ۾ واڌ بابت رپورٽ جاري ڪري ڇڏي.بلومبرگ موجب پاڪستان ۾ مهانگائي جي شرح 6 مهينن ۾ پهريون ڀيرو جون جي مهيني ۾ وڌي وئي.بلومبرگ ان جو سبب ايندھن جي قيمتن ۾ واڌ کي قرار ڏيندي چيو ته روزاني استعمال جي شين جي صارف انڊيڪس ۾ هڪ سال دوران 12.57 سيڪڙو اضافو ٿيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔