پاڪستان جي محافظن جو غير متزلزل عزم قابل تعريف آهي: وزيراعظم

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته امن جي قيام لاءِ پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز جو غير متزلزل عزم ساراهه جوڳو آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ هن خيبرپختونخواهه جي علائقن تيره، خيبر، لڪي مروت ۾ آپريشنز تي پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن کي ساراهيو.وزيراعظم شهباز شريف وڌيڪ چيو آهي ته سڪيورٽي فورسز 9 دهشتگردن کي ماريو، پوري قوم کي پنهنجي سپاهين تي فخر آهي.هن چيو ته ملڪ کي دهشتگردي کان پاڪ ڪرڻ لاءِ قوم پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔