وائيس آف سنڌ  ۽ چغتائي ليب وچ ۾ صحت بابت ايم ايو يو تي صحيحون

ڪراچي: وائيس آف سنڌ (وي او ايس) ۽ چغتائي ليب وچ ۾ صحت بابت ايم او يو تي صحيحون ڪيون ويون .

ان ايم او يو جو مقصدعوامي صحت جي بهتري لاءِ عوام ۾ سجاڳي جي دائري کي وسيع ڪرڻ ۽ ان حوالي سان پيش ايندڙ مسئلن جا حل ڳولهڻ آهي

ان ايم او يو تي وائيس آف سنڌ پاران پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ڊاڪٽر عمير هارون ۽ ناليواري اينڪر نازيا ملڪ جڏهن ته چغتائي ليب پاران هيڊ آف ڪوآپريٽو عرفان حفيظ ۽ يسريٰ صاحبه صحيحون ڪيون .ان موقعي تي ڊپٽي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر وائيس آف سنڌ دانيال جيلاني به موجود هو .

چغتائي ليب صحت جي حوالي سان ملڪ جو ناليو ارو مڃيل ادارو آهي . هن جي خدمتن جو اعتراف هر سطح تي ڪيو ويندو  آهي . هن اداري پاران وائيس آف سنڌ جي اسٽاف کي ڊسڪائونٽ ڪارڊ پڻ جاري ڪيا ويا آهن . وائيس آف سنڌ جي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ڊاڪٽر عمير هارون چغتائي ليب جي ان قدم تي واکاڻ ڪندي سي اي او چغتائي ليب پروفيسر اي ايس چغتائيءَ جا ٿورا پڻ مڃيا .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔