آءِ ايم ايف سان ڳالهيون جاري آهن، جولاءِ مهيني ۾ ڊگهي مدي جا معاهدا ٿيڻ جي اميد آهي: محمد اورنگزيب

اسلام آباد: ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته مائيڪرو اڪنامڪ استحڪام جي لاءِ آءِ ايم ايف جو پروگرام ضروري آهي.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو ته حڪومتي قدمن سبب مهانگائي جي شرح 38 کان گهٽ ٿي 12 سيڪڙو تي پهتي آهي. ناڻي جي مٽاسٽا جا ذخيرا 9 ارب ڊالر آهن. ملڪ ۾ معاشي استحڪام اچي رهيو آهي. داسو ڊيم جي لاءِ ورلڊ بينڪ هڪ ارب ڊالر جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

هن چيو ته مائيڪرو اڪنامڪ اسٽيبلٽي هن وقت سڀني کان وڏو چيلينج آهي. مائيڪرو اڪنامڪ اسٽيبلٽي ويهي رهي ته معيشت کي وڏو نقصان ٿيندو.

هن وڌيڪ چيو ته بجيٽ جي سلسلي ۾ آءِ ايم ايف سان مشاورت ٿي رهي آهي، آءِ ايم ايف پروگرام ۾ مثبت اڳڀرائي ٿي رهي آهي. مائيڪرو اڪنامڪ استحڪام لاءِ آءِ ايم ايف جو پروگرام ضروري آهي آءِ ايم ايف سان ڊگهي مدي جو معاهدو ڪرڻ وڃي رهيا آهيون جولاءِ ۾ آءِ ايم ايف سان معاهدو ٿيڻ جي اميد آهي اسان جي خواهش آهي ته اهو آءِ ايم ايف جو آخري پروگرام هجي.

ناڻي واري وزير چيو ته توانائي ۽ پيٽروليم جي شعبي ۾ اصلاحات ڪنداسين پيٽروليم مصنوعات تي 70 روپيه وڌ کان وڌ ليوي آهي پر 70 روپيه پيٽروليم ليوي فوري طور تي لاڳو نه پيو ٿئي. هن چيو ته 3 سالن ۾ ٽيڪس ٽو جي ڊي پي 13 سيڪڙو تي کڻي وڃڻ چاهيون ٿا. اسان ٽيڪس ٽو جي ڊي پي ساڍا 9 سيڪڙو سان گڏ نٿا هلي سگهون. ايندڙ سال ٽيڪس ٽو جي ڊي پي ساڍا 10 سيڪڙو تي کڻي وڃڻ جو پلان آهي.

سينيٽر محمد اورنگزيب چيو ته اڳوڻي ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل ريٽيلرز تي به ٽيڪس لڳائڻ جي جيڪا ڳالهه ڪئي هئي اهو پهريان لڳي وڃي ها، هن وقت ملڪ ۾ 42 هزار ريٽيلرز جي رجسٽريشن ٿي چڪي آهي. ناڻي واري وزير چيو ته نئين پينشن اسڪيم تي سڀاڻي کان عمل ڪيو ويندو. آرمڊ فورسز کي هڪ سال جي لاءِ انهي لاءِ ڇوٽ ڏني آهي  ڇو ته انهن کي پنهنجي اداري جي ڍانچي کي ڏسڻو آهي.

محمد اورنگزيب چيو ته پي ايس ڊي پي تي اسان ڪٽ لڳايو آهي سنڌ جيان وفاق ۾ به پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تي وڃڻو پوندو. پي ايس ڊي پي جي بجاءِ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنر شپ تي وينداسين. ٽيڪسن جي حوالي سان ڳالهيون ڪندي ناڻي واري وزير چيو ته نئين ٽيڪسن جي ڪري ماڻهو دٻاءُ محسوس ڪري رهيا آهن ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته پگهاردار طبقي تي بار وڌيو آهي جيئن ئي ڪا مالي گنجائش ٿي ته پگهاردار طبقي کي ريليف ڏينداسين.

هن وڌيڪ چيو ته سيلز ٽيڪس ۾ 750 ارب روپين جي ڪرپشن سامهون آئي آهي. ايف بي آر ۾ جيترو انساني عمل دخل گهٽ ٿيندو ڪرپشن به گهٽ ٿيندي. وزيراعظم ڪالهه به ايف بي آر ڊيجيٽلائزيشن تي اجلاس ڪيو. مئي جي آخر تائين سمورو بيڪ لاڪ ختم ڪيو ويو آهي.

ناڻي واري وزير وڌيڪ چيو ته  صوبن کان روينيو ۽ خرچن تي مشاورت شروع ڪئي آهي، صوبن کي چئي رهيا آهيون ته پنهنجا خرچ پاڻ کڻن اهڙا منصوبا جيڪي صرف صوبن جا آهن اهي صوبا ئي پنهنجي سالياني پلان ۾ کڻي اچن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔