لاهور: مسلم ليگ ن جي اڳواڻ جاويد لطيف چيو آهي ته پاڪستان جي چونڊن بابت آمريڪي ٺهراءُ مذمت جوڳو آهي.لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جون ڀڃڪڙيون جاري آهن، ڇا اهي ڪنهن کي ياد آيون؟هن چيو ته جڏهن پاڪستان ٽيڪ آف ڪندو آهي ته اهڙن ماڻهن سان هٿ چراند ڪري ملڪ ۾ ڏڦيڙ ڇو پيدا ڪيو ويندو آهي؟جاويد لطيف ٻڌايو ته پاڪستان کي مضبوط ڪرڻ لاءِ دفاع جو بنياد ذوالفقار علي ڀٽو رکيو، ان جو انجام ڏسو، جڏهن ڪو دفاعي تجربو ڪري ڏيکاري ته ان کي ائين هائي جيڪر بڻائي سزا ڏني وڃي ٿي.