چيني گهرو وزير سان محسن نقوي جي ملاقات، سيڪيورٽي معاملن تي ڳالهيون

نيويارڪ: وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پيپلز ري پبلڪ آف چائنا جي هم منصب ڪيو آئي يانجن سان نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي پيپلز ري پبلڪ آف چائنا جي مشن جي آفيس ۾ ملاقات ڪئي.

ملاقات ۾ پاڪ چين لاڳاپن، سيڪيورٽي معاملن، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي لاءِ چين جي تعاون تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. ٻنهي شخصيتن ٽريننگ ۽ جديد آلات ۽ ٽيڪنالاجي جي استعمال جي باري ۾  به ڳالهيون ڪيون.

پيپلز ري پبلڪ آف چائنا جي هم منصب ڪيواني يانجن اسلام آباد ۾ پرڏيهين خاص طور چيني شهرين جي حفاظت جي لاءِ اسپيشل پروٽيفڪشن يونٽ(ايس پي يو) جي قيام جي قدمن جي تعريف ۽ پاڪستاني قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ٽريننگ ۽ تعداد وڌائڻ جي لاءِ ڀرپور تعاون جو يقين ڏياريو.

ڪيو آءِ يانجن داسو واقعي تي ٿيندڙ اڳڀرائي جو اظهار ڪيو ۽ گهرو وزير محسن نقوي کي سيپٽمبر ۾ چين ۾ ٿيندڙ گلوبل سيڪيورٽي فورم ۾ شرڪت جي دعوت ڏني.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔