محمد وسيم پاڪستان وومين ڪرڪيٽ ٽيم جو هيڊ ڪوچ مقرر

لاهور: پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر محمد وسيم کي قومي وومين ڪرڪيٽ ٽيم جو هيڊ ڪوچ مقرر ڪري ڇڏيو آهي.پي سي بي پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب قومي وومين ٽيم جي ڪوچنگ اسٽاف کي به تبديل ڪيو ويو آهي ۽ محمد وسيم وومين ٽيم جو هيڊ ڪوچ هوندو. پي سي بي موجب اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر عبدالرحمان اسپن بالنگ ڪوچ ۽ جنيد خان اسسٽنٽ ڪوچ هوندو، جڏهن ته حنيف ملڪ فيلڊنگ ڪوچ ۽ حنيف نور وومين ٽيم مئنيجر هوندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔