اڳوڻِي آسٽريلوي ڪرڪيٽر پاڪستاني ٽيم جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا

سينٽ لوشيا : اڳوڻي آسٽريلوي ڪرڪيٽر ۽ ڪامينٽيٽر اسٺاليڪر چيو آهي ته پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي ٽيمن ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ ڏاڍو مايوس ڪيو.
هڪ پروگرام دوران پاڪستان جي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ ڪارڪردگي تي تنقيد ڪندي ليسا اسٺاليڪر چيو ته پاڪستان ڀارت خلاف ميچ دٻاءُ سبب هارائي.
هن چيو ته ناڪاميءَ جو سبب سينيئر رانديگرن جو پرفارم نه ڪرڻ هو، پاڪستاني ٽيم ڪنڊيشنز کي به نه سمجهي سگهي، پاڪستان کي هارائي سپر ايٽ ۾ ڪواليفاءِ ڪرڻ آمريڪا جي وڏي ڪاميابي هئي.
هن چيو آمريڪا ۽ بنگلاديشي ٽيم ڪنڊيشنز کي بهتر نموني سمجهيو ۽ آمريڪا جي پاڪستان خلاف فتح نيويارڪ ۾ ڪرڪيٽ جي ڌم مچائي ڇڏي.
سندس چوڻ هو ته باسڪٽ بال جي رانديگرن به آمريڪا هٿان پاڪستان جي شڪست تي تبصرا ڪيا.
ياد رهي ته ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ ۾ آمريڪا پاڪستان کي سپر اوور ۾ شڪست ڏني هئي، جڏهن ته ڀارت خلاف به پاڪستان کي ناڪامي جو منهن ڏسڻو پيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔