ڪو به ڪرپٽ شخص جج نه ٿو ٿي سگهي\چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي : عقيل احمد عباسي جي سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس جي نامزد گي کان پوءِ فل ڪورٽ ريفرنس جي ڪارروائي ڪئي وئي. فل ڪورٽ ريفرنس ۾ چيف جسٽس سنڌ هاءِ  ڪورٽ عقيل احمد عباسي، جسٽس شفيع صديقي، جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو، جسٽس صلاح الدين پنهور، جسٽس جنيد غفار ۽ جسٽس اقبال ڪلهوڙي سميت 13 ججن شرڪت ڪئي، ان جي علاوه سنڌهاءِ ڪورٽ بار جو صدر ريحان عزيز ملڪ، ڪراچي بار جو صدر عامر نواز وڙائچ، ملير بار جو صدر ناصر رضا رند، سنڌ بار ڪائونسل جو وائيس چيئرمين ڪاشف، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ حسن اڪبر، پراسيڪيوٽر جنرل سنڌ فيض شاهھ، رجسٽرار هاءِ ڪورٽ سهيل احمد لغاري، صدر سکر بار قربان ملاڻو، لاڙڪاڻي حيدر آباد بار جا صدر سميت سينيئر وڪيل عابد زبيري، ياسين آزاد، وهاب بلوچ ماتحت عداالتن جي ججن به شرڪت ڪئي.  چيف جسٽس عقيل احمد عباسي جي سپريم ڪورٽ وڃڻ کان پوءِ جسٽس شفيع صديقي هاءِڪورٽ جو نئون چيف جسٽس مقرر ٿيندو. جسٽس عقيل احمد عباسي 3 نومبر 2023 تي وقتي چيف جسٽس طور مقرر ٿيو. 19ڊسمبر 2023 تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جو 26 ويهون چيف جسٽس مقرر ٿيو. جڊيشنل ڪميشن طرفان 7 جون تي جسٽس عقيل احمد عباسي کي سپريم ڪورٽ جي جج جي حثيت سان مقرري بابت سفارش ڪئي وئي هئي. پارليماني ڪميٽي 14 جون تي اجلاس ۾ جڊيشنل  ڪميشن جي سفارش جي منظوري ڏني. چيف جسٽس سنڌ ھاءِ ڪورٽ عقيل احمد عباسي جو فل ڪورٽ ريفرنس سان خطاب ڪندي چيو ته جج ڪرپٽ نٿو ٿي سگهي جيڪو ڪرپٽ هوندو آهي هو جج نه هوندو. چيف جسٽس چيو ته منهنجي والد جي ٽيڪسيشن قانونن جي حوالي سان سفارشن کي ڀارت ۾ به حصو بڻايو ويو آهي. منهنجي پنهنجي وقت ۾ هاءِ ڪورٽ ۾ 20 هزار درخواستون اڪلايون ويون. منهنجي ڪوشش هوندي هئي ته عدالتن تي بوجهه گهٽائڻ لاءِ پهريان کان ڪيسن کي اُڪلايو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔