عيدالاضحيٰ جي آخري ڏينهن به جانورن جي قرباني جو سلسلو جاري

ڪراچي: سڄي ملڪ ۾ عيدالاضحيٰ جي ٽئين ڏينهن به مسلمان سنت ابراهيمي تي عمل ڪندي جانورن جي قرباني ڪري رهيا آهن.

عيد جي پهرين ڏينهن کان وڌيڪ پئسا وٺندڙ ڪاسائين جا نخرا به ختم ٿي ويا اهي به اڄ گهٽ پئسن تي قرباني جي جانور کي ذبح ڪري رهيا آهن.

ڪجهه شهرين گوشت کي مصالحا لڳرائي تيار ڪرائڻ لاءِ دوڪانن جو رخ ڪري ورتو آهي.دوستن، مائٽن سان ڪچهريون ٿينديون، کاڌن سان دسترخوان تيار ٿيندا برياني. پلاءُ، ڪڙهائي ۽ باربي ڪيو جو اهتمام ڪيو ويندو.

جيڪي ماڻهو قرباني ڪري چڪا آهن اهي عيد جي خوشين کي ٻيڻو ڪرڻ لاءِ پنهنجن مائٽن وٽ ملاقات جي لاءِ پهچي ويا آهن جڏهن ته عوام جو وڏو انگ اڄ به تفريحي هنڌ جو رخ ڪري رهيو آهي.

ڪيترائي ماڻهو مائٽن جي گهرن ڏانهن وڃڻ ۽ دعوتن ۾ مصروف آهن جڏهن ته عوام جو وڏو انگ پارڪس ۽ سيروتفريح وارن هنڌن جو رخ ڪري رهيو آهي. ڪراچي ۾ سمنڊ ڪناري تي تفريح لاءِ آيل ماڻهن جو تمام گهڻو رش آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔