وفاقي حڪومت عمران خان ۽ شاهه محمود جي سائفر ڪيس ۾ بريت چيلنج ڪري ڇڏي

اسلام آباد: وفاقي حڪومت اڳوڻي چيئرمين پي ٽي آءِ عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي جي سائفر ڪيس ۾ بريت وارو معاملي سپريم ڪورٽ ۾ چيئلينج ڪري ڇڏيو

سپريم ڪورٽ ۾ گهرو وزارت جي ذريعي هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف اپيل داخل ڪئي وئي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ثبوتن جو درست جائزو ناهي ورتو

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو وڃي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته هاءِ ڪورٽ حقيقتن جو درست جائزو ناهي ورتو

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سائفر ڪيس ۾ اپيل ٻڌڻ جي مجاز نه هئي، جڏهن ته آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ ۾ ٽرائل ڪورٽ جي فيصلن جي خلاف اپيلن جو حق ناهي ڏنو ويو. جوابدارن کي سرڪاري خرچ تي وڪيل مهيا ڪيا ويا. طئي ٿيل اصول انصاف جون گهرجون پوريون نه ٿيڻ سبب ٽرائل ٻيهر ڪيو ويندو آهي

اپيل ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته سائفر ڪيس ۾ استغاثه ثبوت پيش ڪيا. جوابدارن ٽرائل دوران رويو عدم تعاون تي مبني هيو. جوابدارن پاران ٽرائل دوران 65 مختلف درخواستون داخل ڪيون ويون

جوابدارن جي استدعا تي ڪيتريون ئي ٻڌڻيون ملتوي ٿينديون رهيون. سائفر ڪيس ۾ شاهد پيش ٿيا پر جوابدارن جي وڪيلن جرح نه ڪئي. ٽرائل دوران پيش ڪيل ثبوتن کان انڪار ناهي ڪيو ويو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ثبوتن کي درست انداز ۾ ناهي ڏٺو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔