حڪومت ۾ ويٺل ماڻهو مرضي جي ججز وٽ ڪيس لڳرائڻ چاهين ٿا، ملڪ کي مذاق بنايو ويو آهي: لاهور هاءِ ڪورٽ

لاهور: لاهور هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي جي ڪيسز کي ٻئي عدالت منتقلي جون حڪومتي درخواستون ڏنڊ سان گڏ رد ڪري ڇڏيون آهن.

چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ ملڪ شهزاد احمد خان عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي سميت ٻين جوابدارن جي 9 مئي ڪيسز راولپنڊي جي عدالت کان ٻئي عدالت ۾ منتقل ڪرڻ جي لاءِ حڪومتي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

چيف جسٽس ملڪ شهزاد احمد ريمارڪس ڏنا ته ججز تي دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي اهو افسوسناڪ عمل آهي. ملڪ کي مذاق بنايو ويو آهي، جيڪو جج پسند نه اچي ان جي خلاف تقريرون شروع ڪيو وڃن ٿيون، اهو هاڻ نئون ٽرينڊ شروع ٿي ويو آهي.

هن چيو ته ٻڌايو ڇا جج جي مخالف پارٽي سان مائٽي آهي يا انهي پئسا ورتا آهن؟ جيل ۾ ڪهڙو خطرو آهي؟  ڇا جج آسمان تي ويهي ڪيس جي ٻڌڻي هلائين؟ اهو ڪٿي لکيل آهي ته جج جي خلاف ريفرنس ايندو ته اهو ڪم بند ڪري ڇڏيندو.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته حڪومت ۾ ويٺل ماڻهو مرضي جي ججز وٽ ڪيس لڳرائڻ چاهين ٿا حڪومت کي ته نه لاهور هاءِ ڪورٽ جي ججز تي اعتبار آهي نه ئي وري اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججز تي.

ان موقعي تي پنجاب جي پراسيڪيوٽر جنرل چيو ته اسان جو ڪنهن به جج سان ذاتي مسئلو نه آهي جنهن تي جسٽس ملڪ شهزاد چيو ته پراسيڪيوٽر صاحب اهو حڪومت جو ذاتي مسئلو ئي آهي. جنهن کان پوءِ عدالت پنجاب حڪومت جي 2-2 لک روپيه ڏنڊ سان گڏ ڪيسز ٻئي عدالت منتقلي جون درخواستون رد ڪري ڇڏيون

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔