لڪي مروت ۾ شهيد فوجي جوانن جي جنازي نماز ادا، فوجي اعزاز سان تدفين

لڪي مروت ۾ بارودي سرنگهه جي ڌماڪي ۾ شهيد ٿيل پاڪ فوج جي ڪيپٽن محمد فراز الياس جي جنازي نماز ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ ٻين جي شرڪت، پنجاب جي علائقي چونيان ۾ شهيد ڪيپٽن محمد فراز جي جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد فوجي اعزاز سان تدفين

 وزيراعظم شهباز شريف شهيد ڪيپٽن جي جنازي کي ڪلهو ڏنو، وزيراعظم شهيد جي وارثن سان ملاقات ڪري تعزيت جو اظهار به ڪيو، وزيراعظم ڳوٺ کي شهيد ڪيپٽن محمد فراز الياس جي نالي سان منسوب ڪرڻ جو اعلان به ڪيو

 وزيراعظم چيو ته قرآن شاهدي ڏئي ٿو ته شهيد زنده آهن، شهادت جو شرف ڪنهن ڪنهن کي ملندو آهي، شهيد فراز جو خون ضايع نه ويندو، گذريل ڏينهن لڪي مروت ۾ سيڪيورٽي فورسز  جي گاڏيءَ کي بارودي سرنگ سان نشانو بڻايو ويو هو

 ڌماڪي ۾ ڪيپٽن محمد فراز الياس سميت 7 جوان شهيد ٿي ويا هئا، شهيد ٿيل جوانن ۾ صوبيدار ميجر محمد نذير، لانس نائڪ محمد انور، حسين علي، سپاهي اسد الله، منظور حسين ۽ راشد محمود به شامل، شهيد جوانن جي سندن اباڻن علائقن ۾ فوجي اعزاز سان تدفين ڪئي وئ

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔