ڪراچي جو سمنڊ آبي زندگين لاءِ ’ڊيڊ زون‘ قرار

ڪراچي :ورلڊ وائڊ فنڊ فار نيچر (ڊبليو ڊبليو ايف) جي ٽيڪنيڪل ايڊوائيزر معظم خان چيو آهي ته ڪراچي جو سمنڊ انساني سرگرمين سبب آبي زندگي وڃائي رهيو آهي.سمنڊ جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي معظم خان چيو ته ڪراچي جي سمنڊ ۾ روزانو 500 ملين گيلن گندو پاڻي ڇڏيو وڃي ٿو.ڊبليو ڊبليو ايف جي ٽيڪنيڪل ايڊوائيزر جو چوڻ آهي ته آلودگي جو اثر ڪراچي پورٽ کان ٻاهر 10 ڪلوميٽرن تائين پکڙجي ويو آهي، ڪراچي پورٽ ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن کي آبي زندگي لاءِ ڊيڊ زون قرار ڏنو ويو آهي.هن چيو ته آلودگي سبب ڪراچي جي بندرگاهه واري علائقي مان 10 اهم سامونڊي زندگيون غائب ٿي ويون آهن، لياري ندي، ملير ندي ۽ ٻين ننڍن وڏن درياهن جو گندو پاڻي سمنڊ ۾ وڃي ٿو.معظم خان جو چوڻ آهي ته گلبائي ۽ مڇر ڪالوني جي آس پاس جو علائقو به آبي زندگي لاءِ تمام گهڻو آلوده آهي، گلبائي ۽ مڇر ڪالوني جي آس پاس ڪا به سامونڊي جان ناهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔