پاڪ چين دوستي ۾ رنڊڪون وجهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي: عطاءُالله تارڙ

اسلام آباد: اطلاعات بابت وفاقي وزير عطاءُالله تارڙ چيو آهي ته پاڪ چين دوستي ۾ رنڊڪون وجهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

عطاءُالله تارڙ اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جو چين جو دورو انتهائي ڪامياب رهيو. 32 بي ٽو بي معاهدن تي صحيحون ٿيون. وزيراعظم شهباز شريف جي صدر شي جن پنگ سان سوا 3 ڪلاڪ ملاقات جاري رهي. چيني قيادت سي پيڪ کي اپ گريڊ ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي. سي پيڪ اپ گريڊيشن جا معاملا تيزي سان اڳيان وڌي رهيا آهن اپ گريڊيشن جو فائدو ٻنهي ملڪن جي عوام کي پهچندو.

وفاقي وزير اطلاعات چيو ته وزيراعظم چيني قيادت سان هر اجلاس ۾ ڪراچي سرڪلر ريلوي جو ذڪر ڪيو. مين لائن ون تي ورڪنگ جي لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي آهي. هن چيو ته پاڪستان جي آءِ ٽي برآمدات ۾ اضافو ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ گهٽتائي آئي آهي، مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ به اضافو ٿيو آهي ۽ روپئي جي قدر به مستحڪم ٿي آهي. اڄ دنيا پاڪستان ۾ سرمائيڪاري ۽ واپار جي لاءِ معاهدا ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي.

عطاءُالله تارڙ چيو ته پاڪ چين دوستي اسان جي رت ۾ شامل آهي جنهن ۾ رنڊڪ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. امن، ترقي پاڪستان جي اندروني ۽ بيروني دشمنن کي هضم نه پئي ٿئي. دشمنن جا ناپاڪ ارادا ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين. دهشتگردي کي پاڙن مان ختم ڪنداسين ملڪ ۾ چيني شهرين جو تحفظ يقيني بنايو ويندو. ڪوبه پاڪ چين لاڳاپن کي نقصان نٿو پهچائي سگهي. چين جا سيڪيورٽي خدشا ختم ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسر ناهي ڇڏي. وزيراعظم سان آرمي چيف جو چين وڃڻ انهي ڳالهه جو ثبوت آهي ته اسان سيڪيورٽي معاملن تي سنجيدگي جو مظاهرو ڪيو آهي.

هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جا دشمن سياسي عدم استحڪام ۽ دهشتگردي کي هٿي ڏيڻ چاهين ٿا. سياسي عدم استحڪام پيدا ڪندڙ طاقتن جي ڪوشش هوندي آهي ته پاڪستان جا پاڙيسري ملڪ سان لاڳاپا اڳيان نه وڌن. هڪ نام نهاد اڳواڻ عالمي سطح تي پاڪستان کي اڪيلائپ جو شڪار ڪيو هو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔