مشن ورلڊ ڪپ: پاڪستاني ٽيم اڄ آمريڪا خلاف ميدان تي لهندي

ڊيلاس: آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان پنهنجي مهم جي شروعات اڄ آمريڪا خلاف ميچ سان ڪندو.

ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جا دلچسپ مقابلا آمريڪا ۽ ويسٽ انڊيز ۾ جاري آهن.

پاڪستان ۽ ميزبان آمريڪا وچ ۾ گروپ اي جي ميچ پاڪستاني وقت موجب رات ساڍي اٺين وڳي کيڏي ويندي.

ميزبان آمريڪا ميگا ايونٽ اِها ٻي ميچ هوندي، ٽورنامينٽ جي افتتاحي ميچ ۾ آمريڪا ڪئناڊا خلاف 194 رنسن جو هدف 18 هين اوور ۾ حاصل ڪري دنيا کي پنهنجي ارادن کان آگاهه ڪري ڇڏيو هو.

پاڪستان ٽيم آئرلينڊ خلاف ٻه هڪ تان سيريز کٽڻ بعد انگلنڊ خلاف ٻه ٻڙي سان شڪست کائي آمريڪا پهتي آهي.

يورپ جو دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ آمريڪا پهتل پاڪستاني ٽيم ميگا ايونٽ جي ۾ وارپ اَپ ميچون کيڏڻ بنا پنهنجي پهرين ميچ ۾ اڄ ميزبان آمريڪا خلاف ميدان تي لهندي.

ورلڊ ڪپ مشن جي حوالي سان پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم چيو آهي سندس ڌيان انفرادي هدفن بدران پاڪستان کي ورلڊ چيمپيئن بڻائڻ آهي.

ڊيلاس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پاڪستاني ڪپتان چيو ته هو سٺي تياري سان آمريڪا پهتا آهن، سندن ذهن ۾ آهي ته ڪهڙي ڪرڪيٽ کيڏڻي آهي، ورلڊ ڪپ ۾ سٺي ڪارڪردگي ۽ ڪاميابي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين.

ان کانسواءِ ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان جي پهرين ميچ کان اڳ عماد وسيم جي غير موجودگي جي تصديق ڪندي ڪپتان بابر اعظم چيو ته عماد وسيم سائيڊ اسٽرين انجري جو شڪار آهي جنهن سبب هو ٽيم لاءِ پهرين ميچ نه کيڏي سگهندو.

هن چيو ته عماد وسيم پهرين ۾ قومي ٽيم جو حصو نه هوندو پر اميد آهي ته هو باقي ميچن ٽيم جو حصو هوندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔