ڪراچي ۾ يارهين ڪلاس جو رياضي جو پيپر وقت کان اڳ سوشل ميڊيا جي زينت بڻجي ويو

ڪراچي: ڪراچي جي انٽرميڊيٽ جي امتحانن ۾ قلم 144 لاڳو هجڻ جي باوجود رياضي جو پرچو وقت کان اڳ آئوٽ ٿي ويو.

اعليٰ ثانوي تعليمي بورڊ جي تحت انٽرميڊيٽ جي امتحانن جو اڄ ٽيون ڏينهن آهي، صبح جي شفت جو پرچو صبح 9 وڳي کان 12 وڳي تائين جڏهن ته ٻنپهرن جو پيپر 2 کان شام 5 وڳي تائين شيڊول آهي.

ان دوران يارهين ڪلاس جو رياض جو پيپر اڄ مقرر وقت کان 20 منٽ ڳ ئي آئوٽ ٿي مختلف سوشل ميڊيا گروپ جي زينت بڻجي ويو.

ان حوالي سان انٽربورڊ جي چيئرمين نسيم ميمڻ پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته سمورن امتحان مرڪز تي قلم 144 لاڳو آهي. اهڙي طرح امتحاني مرڪزن طرف فوٽو اسٽيٽ جون مشينون به امتحانن دوران بند رکيون ويون آهن. نسيم ميمڻ چيو ته امتحان ۾ شاگردن طرفان موبائل فون آڻڻ تي ضبط ڪيو ويندو.

ياد رهي ته ان کان اڳ ٻارهين ڪلاس جو ڪيمسٽري ۽ انگريزي جو پرچو به شروع ٿيڻ کان اڳ سوشل ميڊيا تي آئوٽ ٿي ويو هو. هينئر تائين ٿيندڙ اڪثر پرچا وقت کان اڳ آئوٽ ٿي چڪا آهن جڏهن ته سنڌ حڪومت بي وس نظر اچي رهي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔