حڪومت جو حصو نه بڻجنداسين ۽ نه سپورٽ ڪنداسين: حمدالله

ڪوئيٽا: جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي اڳواڻ حافظ حمدالله چيو آهي ته جي يو آءِ حڪومت جو حصو نه ٿيندي ۽ نه ئي حڪومت جي حمايت ڪندي.هڪ بيان ۾ حافظ حمدالله چيو ته موجوده پارليامينٽ عوام جي نمائنده پارليامينٽ ناهي، موجوده حڪومت کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي، جي يو آءِ مطالبو ڪري ٿي ته ٻيهر چونڊون ڪرايون وڃن.هن چيو ته جي يو آءِ حڪومت جو حصو هوندي ۽ نه ئي حڪومت ان جي حمايت ڪندي.سينيئر سياستدان جاويد هاشمي جي مولانا فضل الرحمان سان ملاقات جي حوالي سان حافظ حمدالله چيو ته پي ٽي آءِ سان گڏيل تحريڪ هلائڻ جو اڃا فيصلو ناهي ٿيو، پي ٽي آءِ سان ڪيترن ئي سالن کان اختلاف آهن. اهي پي ٽي آءِ جي باني جي چوڻ تي مولانا فضل الرحمان وٽ پهتا ته اسان سندن استقبال ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔