ممتاز علي شاهه 4 سالن لاءِ وفاقي انشورنس محتسب مقرر

ڪراچي: رٽائرڊ بيوروڪريٽ ممتاز علي شاهه کي 4 سالن لاءِ وفاقي انشورنس محتسب مقرر ڪيو ويو آهي.قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزارت ممتاز علي شاهه کي وفاقي انشورنس محتسب مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪري ڇڏيو آهي.ياد رهي ته ممتاز علي شاهه سنڌ جو اڳوڻو چيف سيڪريٽري، سنڌ بوائي اسڪائوٽ ايسوسيئيشن جو صوبائي ڪمشنر ۽ گريڊ 22 جو رٽائرڊ بيوروڪريٽ پڻ رهي چڪو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔