روينا ٽنڊن تي حملو، ڀارتي اداڪاره طرفان هجوم کي تشدد نه ڪرڻ جي اپيل، وڊيو وائرل

ڪراچي: مشهور ڀارتي اداڪارا روينا ٽنڊن کي ممبئي ۾ ڊرائيور پاران گاڏي جو ٽڪر هڻي ٽن ڄڻن کي زخمي ڪرڻ بعد تشدد جو نشانو بڻايو ويو

ڀارتي ميڊيا موجب اداڪارا روينا ٽنڊن جي هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ اداڪارا کي ممبئي جي پوش علائقي باندرا ۾ ماڻهن جي ميڙ ۾ گهيريل ڏسي سگهجي ٿو

ميڊيا رپورٽن موجب روينا ٽنڊن جي ڊرائيور ڪار جو ٽڪر هڻي 3 ڄڻن کي زخمي ڪري ڇڏيو،  جڏهن معاملو وڌيڪ سنگين رخ اختيار مڪري ويو ته روينا ٽنڊن ڳالهائڻ لاءِ ڪار مان هيٺ لهي وئي.

سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل وڊيو ۾ اداڪارا روينا ٽنڊن کي پنهنجو دفاع ڪندي ۽ عوام کي اپيل ڪندي ڏسي سگهجي ٿو  ۽ هوءَ چئي رهي آهي ته مهرباني ڪري مون کي نه ماريو، جڏهن ته وڊيو ۾ هڪ شخص کي اهو به چئي رهيو آهي ته پوليس کي ڪال ڪريو

وڊيو ۾ هڪ شخص چيو ته اداڪاره جي گاڏي جي ٽڪر ۾ اسان جا ماڻهو زخمي ٿي پيا، امڙ به متاثر ٿي، روينا ٽنڊن ۽ ان جي ڊرائيور امڙ تي تشدد ڪيو، اسان کي انصاف کپي، ٺاهه نه ڪنداسين

  • T

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔