بجيٽ ۾ ايف بي آر لاءِ ٽيڪس جو هدف 12900 ارب مقرر ڪرڻ جي تجويز

اسلام آباد: ايندڙ مالي سال جي وفاقي بجيٽ 10 جون تي پيش ڪئي ويندي، جنهن ۾ آءِ ايم ايف جون شرطون شامل ڪيون ويون آهن.

ذريعن موجب بجيٽ ۾ ايف بي آر لاءِ ٽيڪس جو هدف 12900 ارب مقرر ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.

ان کان علاوه ايف بي آر ايندڙ مالي سال ۾ 1500 ارب رپين کان وڌيڪ نوان ٽيڪس لڳائڻ جي تجويز ڏئي رهيو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته درآمدي شين تي ٽيڪس ڊيوٽي وڌائڻ، کاڌي پيتي جي شين تي سيلز ٽيڪس استثنيٰ ختم ڪرڻ، ود هولڊنگ ٽيڪس، سيلز ٽيڪس جي استثنيٰ ختم ڪرڻ ۽ ڪسٽم ڊيوٽي جي شرح وڌائڻ جي تجويز ڏني وئي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔