200 يونٽ بجلي استعمال ڪندڙن لاءِ اگهه ۾ واڌ نه ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد : وزيراعظم شهباز شريف 200 يونٽ استعمال ڪندڙ صارفين لاءِ بجلي جي اگهن ۾ واڌ جي تجويز رد ڪري ڇڏي.وفاقي حڪومت بجلي جي محفوظ صارفين کي بلن جي مد ۾ رليف ڏيندي 200 يونٽن تائين جي سبسڊي برداشت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف 200 يونٽ استعمال ڪندڙن لاءِ بجلي جا اگهه نه وڌائڻ جي هدايت ڪندي اقتصادي ٽيم جي محفوظ صارفين لاءِ بجلي جا اگهه وڌائڻ جي تجويز رد ڪري ڇڏي آهي.ذريعن موجب بجيٽ ۾ 2 ڪروڙ محفوظ صارفين کي بجلي جي اگهن ۾ سبسڊي ڏني ويندي ۽ ايندڙ مالي سال محفوظ گهريلو صارفين لاءِ بجلي جا اگهه نه وڌايا ويندا.ذريعن موجب وڏي واهپيدارن لاءِ بجلي جي قيمتن ۾ واڌ نئين مالي سال جي پهرين مهيني کان ڪئي ويندي ۽ محفوظ صارفين کي هلندڙ مالي سال جي آخر تائين 160 ارب رپين جي سبسڊي ڏني ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔