ڪراچي ۾ 8 جوابدارن جي گاڏي مٿان فائرنگ: 2 سڳا ڀائر مارجي ويا

ڪراچي: گرو مندر جي ڀرسان گاڏي تي 8 جوابدارن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 سڳا ڀائر مارجي ويا آهن.

ايس پي جمشيد علينه راڄپر موجب ڪار ۾ 5 ڀائر سوار هئا جيڪي پيشي تي سينٽرل جيل ۾ قائم عدالت وڃي رهيا هئا، واقعي واري هنڌان نائن ايم ايم جا 17 خول مليا آهن.

پوليس آفيسر موجب چئن موٽرسائيڪلن تي 8 جوابدار سوار هئا جنهن ڪار تي ٻنهي طرفن کان فائرنگ ڪئي، امڪاني طور تي واقعو ٽارگيٽ ڪلنگ جو لڳي رهيو آهي.

ريسڪيو اختيارين ٻڌايو ته لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن. مارجي ويل هڪ شخص جي سڃاڻپ واجد جي نالي سان ٿي آهي جڏهن ته مارجي ويل پشاوري آئسڪريم پارلر جو مالڪ آهي.

ترجمان ايسٽ پوليس موجب شروعاتي جاچ موجب واقعو ذاتي دشمني جو لڳي رهيو آهي، مقتولن جي سڃاڻپ واجد ۽ شان جي نالي سان ٿي آهي پر وڌيڪ تصديق ڪري رهيا آهيون. مقتول لسبيله جا رهواسي هئا.

فائرنگ جي واقعي جي سي سي ٽي وي فوٽيج به سامهون اچي وئي آهي جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته 3 موٽر سائيڪلن تي سوار 6 ماڻهو گاڏي تي اڳيان ۽ پٺيان ٻنهي پاسن کان فائرنگ ڪئي.

سي سي ٽي وي فوٽيج ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته سمورن جوابدارن کي شلوار قميص پاتل هئي هڪ جوابدار کي موٽر سائيڪل تان لهندي ڊرائيور سيٽ جي ڀرسان فائرنگ ڪندي به ڏسي سگهجي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔