بجيٽ ۾ کنڊ، پتي، چانور ۽ اٽو مهانگو ٿيڻ جو امڪان

اسلام آباد: بجٽ ۾ کنڊ، پتي، چانور ۽ اتو وڌيڪ مهانگو ٿيڻ جو امڪان آهي، آءِ ايم ايف سيلز ٽيڪس جي ڇوٽ وڌيڪ گهٽ ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.

ذريعن موجب ايندڙ مالي سال جي بجيٽ کان پوءِ مهانگائي وڌيڪ وڌڻ جو امڪان آهي. آءِ ايم ايف طرفان سيلز ٽيڪس جون رعايتون ختم ۽ محدود ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.

بجيٽ ۾ کير، چانهه، پتي ۽ کنڊ مهانگو ٿيڻ جو امڪان آهي. ذريعن موجب بجيٽ ۾ پيڪيٽ وارو کير، چانور ۽ اٽو به وڌيڪ مهانگو ٿيڻ جو امڪان آهي.

آءِ ايم ايف طرفان مطالبو ڪيو ويو آهي ته فاٽا ۽ پاٽا ۾ کليل چانهه جي پتي تي سيلز ٽيڪس لڳايو ويندو. عالمي مالياتي اداري(آءِ ايم ايف) زيرو رينڊ سيل ٽيڪس سيڪٽر تي 5 کان 10 سيڪڙو سيلز ٽيڪس لڳائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔