پاڪستان جو ٻيو سيٽلائيٽ پاڪ سيٽ ايم ايم ون خلا ۾ روانو

شيچانگ: پاڪستان جو ٻيو مواصلاتي سيٽلائيٽ پاڪ سيٽ ايم ايم ون اڄ خلا ۾ موڪليو ويو. سيٽلائيٽ چين جي شيچانگ سيٽلائيٽ لانچ سينٽر مان لانچ ڪيو ويو، پنج ٽن وزني سيٽلائيٽ جديد مواصلاتي سامان سان ليس آهي.اسپارڪو جي ترجمان موجب پاڪستان جي سيٽلائيٽ مان طويل ترين انٽرنيٽ جي سهولت فراهم ڪئي ويندي، سيٽلائيٽ کي زمين کان 36 هزار ڪلوميٽر جي بلندي تي خلا ۾ داخل ڪيو ويندو.سيٽلائيٽ کي ڌرتيءَ کان خلا تائين پهچڻ ۾ ٽي کان چار ڏينهن لڳي سگهن ٿا، هي سيٽلائيٽ اي ڪامرس، اي-گورننس ۽ اقتصادي سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.پاڪ سيٽ ايم ايم ون 15 سالن تائين ڪم ڪندو، پاڪ سيٽ ايم ايم ون ٽي وي براڊڪاسٽنگ، سيلولر فون ۽ براڊ بينڊ سروس کي بهتر بنائڻ ۾ مدد ڪندو.پاڪ سيٽ ايم ايم ون هن سال آگسٽ ۾ سروس شروع ڪندو، پاڪ سيٽ ايم ايم ون بينڊ ۾ 10 گيگا بائيٽ في سيڪنڊ جي گنجائش رکي ٿو.پاڪستان وٽ هن وقت خلا ۾ 2 ڪميونيڪيشن سيٽلائيٽ آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔