سنڌ ۾ 100 يونٽ تائين واهپيدارن کي مفت بجلي ڏيڻ جو فيصلو

ڪراچي: بدترين لوڊشيڊنگ ۽ مهانگي بجلي جي ستايل شهرين لاءِ سنڌ حڪومت طرفان سٺي خبر سامهون اچي وئي آهي.توانائي واري صوبائي وزير سيد ناصر شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 100 يونٽ تائين استعمال ڪندڙ واهپيدارن کي مفت بجلي ڏيڻ جو پلان تيار ڪيو ويو آهي، جنهن ذريعي پهرين مرحلي ۾ سولر پارڪ ۽ مني گرڊ اسٽيشنز کان عوام کي 100 يونٽ مفت بجلي فراهم ڪئي ويندي.هن ٻڌايو ته سنڌ حڪومت نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ سولر انرجي ۽ مني گرڊ لاءِ رقم مختص ڪري ڇڏي آهي، سنڌ بجيٽ ۾ سولر انرجي لاءِ شروعاتي طور تي 5 ارب رپيا مختص ڪيا ويندا.صوبائي وزير جو چوڻ هو ته بجيٽ ۾ سولر پينل انتهائي رعايتي قيمت ۾ ڏيڻ جي اسڪيم به آندي پئي وڃي، غريب ۽ مستحق ماڻهن کي 2 لک سولر پينلز ڏنا ويندا، سولر پينل جي قيمت 80 سيڪڙو حڪومت جڏهن ته 20 سيڪڙو عوام پاڻ ادا ڪندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔