ايراني صدر،پرڏيھي وزير سميت ھيليڪاپٽر حادثي ۾ فوت

تهران: ايراني ميڊيا صدر ابراهيم رئيسي جي هيلي ڪاپٽر حادثي ۾ فوت ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.ايراني ميڊيا موجب هيلي ڪاپٽر حادثي ۾ ايران جو صدر ابراهيم رئيسي ۽ پرڏيهي وزير پڻ مارجي ويا آهن.ايراني خبر رساں ايجنسي تهران ٽائمز موجب هيلي ڪاپٽر حادثو تبريز کان 100 ڪلوميٽر پري پيش آيو، جنهن ۾ تبريز جو گورنر پڻ مارجي ويو.پرڏيهي خابرو اداري موجب هيلي ڪاپٽر ۾ ايراني سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي جو ترجمان آيت الله علي هاشم ۽ اوڀر آذربائيجان جو گورنر به سوار هئا. ايراني ميڊيا موجب صدر ابراهيم رئيسي جي هيلي ڪاپٽر جي حادثي واري هنڌ تان هيلي ڪاپٽر جا ملبہ مليا آهن ۽ امدادي ٽيمون حادثي واري هنڌ پهچي ويون آهن.ان کان اڳ ايراني عهديدار جو چوڻ هو ته هيلي ڪاپٽر حادثي کانپوءِ صدر ابراهيم رئيسي جي جان ۽ بچڻ جا امڪان گهٽ آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔