ڪرغز سفارتخاني جو ڊپٽي هاءِ ڪمشنر ڊيمارش لاءِ پرڏيهي کاتي طلب

اسلام آباد: پرڏيهي کاتي ڪرغزستان جي سفارتخاني جي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر کي ڊيمارش لاءِ طلب ڪري ورتو.

پرڏيهي کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل ڪرغز سفارتخاني جي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر کي ڪرغزستان ۾ پاڪستاني شاگردن تي تشدد جي رپورٽن تي گهري ڳڻتيءَ کان آگاهه ڪيو ۽ چيو ڪرغز حڪومت کي پاڪستاني شاگردن جو تحفظ يقيني بڻائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻڻ گهرجن.

پرڏيهي کاتي طرفان چيو ويو آهي ته پاڪستاني حڪومت سڄي دنيا ۾ وطن واسين جي تحفظ ۽ سلامتي جي معاملي کي سنجيدگي سان وٺندي آهي ۽ انهن جي سار سنڀال يقيني بڻائڻ لاءِ سمورا ضروري قدم کڻندي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔