ميڊيا کي توهين عدالت تي ٻڌل مواد نشر ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ چيو آهي ته ميڊيا کي توهين عدالت تي ٻڌل مواد نشر ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي.

عدالت عظميٰ فيصل واوڊا ۽ مصطفيٰ ڪمال توهين عدالت ڪيس جو لکت حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ عدالت چيو ته توهين عدالت تي ٻڌل مواد نشر ڪندڙ ميڊيا ادارا به توهين عدالت ڪري رهيا آهن، ميڊيا کي توهين عدالت تي ٻڌل مواد نشر ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي.

سپريم ڪورٽ پنهنجي حڪم نامي ۾ چيو ته ميڊيا طرفان اهڙو مواد نشر ڪرڻ تي انهن خلاف به توهين عدالت جي ڪارروائي ڪري سگهجي ٿي.

عدالت فيصل واوڊا ۽ مصطفيٰ ڪمال جي پريس ڪانفرنس جو مڪمل ٽرانسڪرپٽ پيمرا کان طلب ڪري ورتو.

عدالت قرار ڏنو ته ظاهري طور فيصل واوڊا ۽ مصطفيٰ ڪمال جي پريس ڪانفرنس توهين عدالت جي زمري ۾ اچي ٿي.

عدالت چيو ته توهين عدالت تي فيصل واوڊا، مصطفيٰ ڪمال کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري رهيا آهيون، ٻنهي کي ٻن هفتن ۾ وضاحت پيش ڪرڻ جو هڪ ٻيو موقعو ڏنو پيو وڃي، ٻئي ايندڙ ٻڌڻي تي ذاتي حيثيت ۾ به پيش ٿين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔