اسرائيل پاران عالمي مخالفت باوجود فوجي امداد موڪلڻ جو اعلان

غزهه : اسرائيل عالمي مخالفت باوجود وڌيڪ فوجي امداد موڪلڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.پرڏيهي خابرو اداري موجب اسرائيل جي اعلان کانپوءِ 10 لک کان وڌيڪ بي گھر ٿيل فلسطينين جي پناهه گاهن ۾ به نسل ڪشي جو خدشو وڌي ويو آهي.ٻئي طرف آمريڪي بچاءَ واري وزير لائيڊ آسٽن پنهنجي اسرائيلي هم منصب کي ٽيليفون ڪيو جنهن ۾ هن فلسطيني شهرين جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ ۽ فوجي آپريشن کان اڳ امداد جاري رکڻ تي زور ڏنو.ان کان علاوه آمريڪي ايوان نمائندگان بائيڊن انتظاميا جي اسرائيل کي تباهه ڪندڙ بمن جي برآمد بند ڪرڻ واري قدم جي مذمت ڪئي آهي، جڏهن ته اسرائيل کي تباهه ڪندڙ بمن جي برآمد جاري رکڻ جو تڪراري بل منظور ڪيو ويو آهي.وائيٽ هائوس اعلان ڪيو آهي ته اهو بل کي ويٽو ڪندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔