افغانستان ۾ برساتن ۾ فوتين جو انگ 300 ٿي ويو،سوين گم

ڪابل: افغانستان جي اترين صوبي بغلان ۾ تيز برساتن ۽ ٻوڏ سبب فوتين جو انگ 300 ٿي ويو آهي جڏهن ته سوين ماڻهو اڃان تائين گم آهن.گڏيل قومن موجب برسات ۽ ٻوڏ سبب افغانستان جي اترين علائقن ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ گهر تباهه ٿيا آهن، متاثر علائقن ۾ امدادي ڪارروايون جاري آهن.افغان نيشنل ڊيزاسٽر رسپانس جي نمائندي موجب صوبي بغلان جي 3 ضلعن ۾ تيز برساتن جي نتيجي ۾ ٻوڏ جي صورتحال کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. افغان حڪومت جو چوڻ آهي ته ٻوڏ سبب متاثر علائقن ۾ ماڻهن جي مدد جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.ٻئي پاسي پاڪستان افغانستان ۾ ٻوڏ سبب قيمتي جانين جي نقصان تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي، پرڏيهي آفيس چيو آهي ته ڏک جي هن گهڙي ۾ افغان عوام سان گڏ آهيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔