حڪومتي بي ڌياني سبب اُرڙي سنڌ ۾ وبائي شڪل اختيار ڪري ورتي

ڪراچي ؛جماعت اسلامي سنڌ گهر ڪئي آهي ته سنڌ ۾ اُرڙي تي ضابطو آڻي معصوم ٻارن جي حياتين کي بچايو وڃي، حڪومتي بي ڌياني سبب اُرڙي صوبي ۾ وبائي شڪل اختيار ڪري ورتي آهي، تيل، گئس ۽ ڪوئلي سميت زراعت جي دولت سان مالا مال سنڌ سونهاري جا معصوم گُلن جهڙا ٻارڙا اُرڙي جي بيماري ۽ بُک وگهي مري رهيا آهن، پر حڪمران ٽولو گذريل 16 سالن کان فقط پنهنجا ڀڀ ڀرڻ ۾ پورو آهي. جماعت اسلامي سنڌ جي وقتي امير ڪاشف سعيد شيخ سکر، تنگواڻي، ٺٽو، ٽنڊوالهيار ۽ سجاول سميت سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن توڙي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ اُرڙي وگهي ٻارڙن جي فوت ٿيڻ وارن واقعن تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سنڌ ۾ هڪ پاسي اُرڙي جي وبا گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان هلي رهي آهي ته ٻئي پاسي وري ٿر تي به هڪ ڀيرو ٻيهر بُک ۽ بيمارين حملو ڪيو آهي جتي غذائي کوٽ ۽ بيمارين جي نتيجي ۾ هيل تائين هزارين معصوم ٻارڙا فوت ٿي چڪا آهن، ان سڄي صورتحال ۾ سنڌ سرڪار جو عوام کي رليف ۽ بيمارين کان بچاءُ لاءِ ڪوبه ڪردار نظر ڪونه ٿو اچي. حڪومت فقط تماشو ڏسڻ بدران اُرڙي جي وبا تي ضابطو ۽ ٿر ۾ غزا جي کوٽ پوري ۽ بيمارين جي سدباب لاءِ مستقل بنيادن تي سنجيده ۽ ڪرپشن فري قدم کڻي ڇو ته ٿر ۾ غذائي کوٽ جو مسئلو ڪو نئون ڪونه آهي. جماعت اسلامي اڳواڻ وڌيڪ چيو ته سرڪاري اسپتالن ۾ اڳ ۾ ئي سهولتن جي کوٽ ۽ ويتر علاج مهانگو ٿيڻ جي ڪري غريب ماڻهو ٻيڻي عذاب ۾ آهي. اُرڙي توڙي غذائي کوٽ سبب ٻارڙن جي فوت ٿيڻ جون خبرون روزانو پرنٽ، اليڪٽرانڪ توڙي سوشل ميڊيا جون زينت بڻجي رهيون آهن، پر مجال آهي جو سنڌ سرڪار توڙي صحت کاتي کي ڪو هوش اچي. سنڌ حڪومت جي اها آئيني، اخلاقي ۽ بنيادي ذميواري آهي ته هو اُرڙي جهڙي موضي مرض جي خاتمي لاءِ جنگي بنيادن تي جوڳا قدم کڻي. ان سان گڏو گڏ اُرڙي جي بيماري جي بچاءُ توڙي ترت علاج لاءِ عوام ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ لاءِ جديد ذريعا ڪتب آڻي ته جئين گلن جهڙن مصعوم ٻارڙن جي حياتين کي ضايع ٿيڻ کان بچائي سگهجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔