افغانستان ۾ طوفاني برساتون، 50 ڄڻا فوت

ڪابل: افغان صوبي بغلان ۾ طوفاني برساتن کانپوءِ ايندڙ ٻوڏ سبب فوتين جو انگ 50 ٿي ويو.

پرڏيهي ميڊيا موجب افغانستان جي صوبي بغلان ۾ ايندڙ ٻوڏ سان ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيا آهن، جنهن سبب فوتين جو انگ وڌڻ جو خدشو آهي.

افغانستان جي گهرو وزارت جي ترجمان موجب ٻوڏ سان متاثر ضلعن ۾ 200 کان وڌيڪ ماڻهو گهرن ۾ ڦاسي پيا آهن، جن جي مدد لاءِ هيلي ڪاپٽر به موڪليا ويا هئا پر اونداهيءَ سبب ريسڪيو آپريشن ڪامياب نه ٿي سگهيو.

هوڏانهن افغان نيشنل ڊزاسٽر ريسپانس جي نمائندي ٻڌايو ته بغلان صوبي جي ٽن ضلعن ۾ تيز برساتن کانپوءِ ٻوڏ جي صورتحال آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔