اسرائيلي حڪومت غير قانوني قدم کڻي پئي، منير اڪرم

واشنگٽن: گڏيل قومن ۾ پاڪستاني سفير منير اڪرم جو چوڻ آهي ته اسرائيلي حڪومت غزه ۾ غير قانوني قدم کڻي رهي آهي.سفير منير اڪرم چيو ته گڏيل قومن سلامتي ڪائونسل ۽ جنرل اسيمبلي ۾ پنهنجي ذميواري پوري ڪئي.هن چيو ته غزه ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي گڏيل قومن ۾ قراردادون اچي چڪيون آهن، ميمبر ملڪ سلامتي ڪائونسل جي هر فيصلي تي عمل ڪرڻ جا پابند آهن.منير اڪرم چيو ته مستقل ميمبر سلامتي ڪائونسل جي فيصلي تي عمل ڪرڻ تي راضي نه آهن، گڏيل قومن ۾ غزه ۾ جنگ بندي لاءِ ڳالهين لاءِ ڪوششون جاري آهن.هن چيو ته فلسطين جي ميمبرشپ بابت گڏيل قومن جو خاص اجلاس اڄ ٿيندو، گڏيل قومن جي اجلاس ۾ سلامتي ڪائونسل کي پنهنجي فيصلي تي نظرثاني لاءِ چيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔