9 مئي جي واقعن ۾ ملوث ڪردارن کي سزا جو فيصلو آئين ۽ قانون ڪندو: خواجه آصف

اسلام آباد: دفاع واري وزير ۽ مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ خواجه آصف چيو آهي ته 9 مئي تي سوچيل سمجهيل منصوبي جي تحت حملو ڪيو ويو. پاڪ فوج جي ٺڪاڻن ۽ شهيدن جي يادگارن کي نشانو بنايو ويو. اهڙن واقعن ۾ ملوث ڪردارن کي سزا جو فيصلو آئين ۽ قانون ڪندو.

پنهنجي بيان ۾ خواجه آصف چيو ته 9 مئي هميشه ان ڳالهه جي ياد ڏياريندو ته هڪ شخص ۽ گروپ پنهنجي ذاتي ايجنڊا ۽ اقتدار جي حوس ۾ ملڪ جي اثاثن تي حملو ڪيو. هن چيو ته 9 مئي 2023 تي جيڪو ڪجهه ٿيو، اهڙي سوچ اسان جو بدترين ۽ ازلي دشمن به نٿو ڪري سگهي. پاڪ فوج جي ٺڪاڻن ۽ شهيدن جي يادگارن کي نشانو بنايو ويو. هڪ سوچيل سمجهيل منصوبي تي عمل ڪيو ويو جنهن جو تصور ڪنهن ملڪ ۾ ڪنهن به حالتن ۾ نٿو ڪري سگهجي

هن چيو ته 9 مئي جا منصوبا تيار ڪندڙ ۽ عمل ڪندڙن جي قوم سڃاڻپ ڪري ورتي آهي ۽ انهن جا چهرا پاڪستاني قوم جي يادداشت تي نقش آهن انهن جي نعرن گونج اڄ به اسان کي اهڙي افسوسناڪ ڏينهن جي ياد ڏياري ٿي

دفاع واري وزير چيو ته اهڙن ڪردارن کي سزا جو فيصلو آئين ۽ قانون ڪندو پر اسان اڄ انهي ڳالهه جو عهد ڪريون ته اسان ڪنهن به قسمت تي ڪنهن گروپ کي پاڪستان جي زمين کي پامال ٿيڻ نه ڏينداسين.

نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي خواجه آصف وڌيڪ چيو ته 9 مئي جون وڌيڪ وڊيوز پي ٽي آءِ پاڻ ٺاهيون، ڪور ڪمانڊر هائوس جي ٻاهران ميسيج پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن جا هئا، پي ٽي آءِ پنجاب جي صحت واري وزير به چئي رهي هئي، پي ٽي آءِ وارا به چئي ڇڏين ته ڳالهيون ڊب ڪيون ويون.

مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ چيو ته گهٽ ۾ گهٽ اهي ترديد ئي ڪري ڇڏين ته انهن جا انٽرويو زبردستي ڪرايا ويا. علي زيدي، عثمان ڊار ۽ ٻيا سڀ ترديد ڪري ڇڏين ته انٽرويو زبردستي ڪيا ويا.

تحريڪ انصاف جي ترجمان طرفان پريس ڪانفرنس جو حوالو ڏيندي خواجه آصف چيو ته رئوف حسن، صاف صاف ترديد نه ڪري پنهنجي ساک جو خيال رکي اهو سڀ ڪجهه سوچيل سمجهيل منصوبي جي تحت ڪيو ويو. هن چيو ته اسان به جيل ويا هئاسين پر جيل وڃڻ ۽ باهر اچڻ تائين هڪ ئي موقف تي قائم رهياسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔