ڪڻڪ جي نئين قيمت مقرر ڪرڻ جي درخواست تي وفاقي حڪومت کان جواب طلب

لاهور: ڪڻڪ جي نئين قيمت مقرر ڪرڻ جي لاءِ داخل ڪيل درخواست تي عدالت وفاقي حڪومت کان جواب طلب ڪري ورتو آهي.

عدالت سڳوري لاهور ۾ ڪڻڪ جي نئين قيمت مقرر ڪرڻ جي لاءِ داخل ڪيل گڏيل درخواست تي ٻڌڻي جسٽس علي باقر نجفي جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ ڪئي جنهن ۾ درخواستگذار جي وڪيل ايڊووڪيٽ بلال احمد طرفان موقف اختيار ڪيو ويو ته وفاقي حڪومت 40 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ هجڻ جي باوجود 35 لک ٽن ڪڻڪ ٻاهر کان گهرائي.

هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪيل درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته وفاقي حڪومت ڪڻڪ گهرائڻ سان قومي ناڻي کي هڪ ارب ڊالر جو نقصان ٿيو.  پنجاب ڪڻڪ جي ساڳئي قيمت برقرار رکي آهي جيڪا گذريل سال هئي جڏهن ته مهانگائي 20 سيڪڙو وڌي چڪي آهي پر هارين کي اگهه وڌائي نه ڏنو ويو.

درخواست ۾ عدالت کان استدعا ڪئي وئي آهي ته حڪومت کي حڪم ڏنو وڃي ته ڪڻڪ جي نئين قيمت مقرر ڪري. عدالت وفاقي حڪومت کان به ڪڻڪ جي بحران جي حوالي سان رپورٽ طلب ڪري.

جنهن کان پوءِ لاهور هاءِ ڪورٽ وفاقي حڪومت کان جواب طلب ڪري ورتو. ٻئي پاسي عدالت 30 اپريل جي آرڊر ۾ پنجاب حڪومت ۽ پنجاب جي زراعت کاتي کان رپورٽ طلب ڪئي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔