بالي ووڊ فلم جي پيشڪشن ڪا وڏي ڳالھ ناھي، ابرار

لاھور:پاڪستان ميوزڪ انڊسٽري جي مشهور گلوڪار ابرار الحق اداڪارا مشي خان جي تنقيد تي ردعمل ظاهر ڪيو آهي.گلوڪار ابرار الحق ڪجهه عرصو اڳ هڪ انٽرويو ۾ انڪشاف ڪيو هو ته ماضي ۾ کيس ڀارتي اداڪارا ڪترينا ڪيف سان فلم جي آڇ ڪئي وئي هئي پر اظهار جي آزادي نه هجڻ سبب هن فلم کي رد ڪري ڇڏيو ۽ معاهدو به سائن نه ڪيو.جنهن بعد مشي خان ابرارالحق جي دعويٰ کي مضحکہ خیز قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو.هن چيو ته مون صرف هڪ خبر ٻڌي ته ابرار الحق کي ڪترينا ڪيف سان گڏ فلم جي آڇ ڪئي وئي ۽ هن انڪار ڪري ڇڏيو، منهنجي نظر ۾ اهو سال جو بهترين مذاق ٿي سگهي ٿو.هن وڌيڪ چيو ته ابرار الحق صاحب توهان کي اها فلم ڪهڙي سال ۾ پيش ڪئي وئي هئي ۽ توهان پوءِ ڇو نه ڳالهايو، ايتري عرصي کانپوءِ توهان ان تي ڳالهائڻ جو ڇو سوچيو؟ تازو ئي ابرارالحق مشي خان جي تنقيد جو جواب ڏيندي چيو ته گذريل سالن ۾ مون کي ڀارت کان فلمن کان علاوه ڪنسرٽ ڪرڻ جا به ڪيترائي آفر مليا آهن، پر مان انڪار ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته مان پنهنجن ڪجهه اصولن تي سمجهوتو نٿو ڪري سگهان ڪيس.هن چيو ته ڪجهه ماڻهن لاءِ بالي ووڊ فلم جي آفر ٿيڻ وڏي ڳالهه آهي، شايد اهڙن ماڻهن کي بالي ووڊ فلم جي آفر ملي ته خوشي ٿي مري، پر منهنجي لاءِ بالي ووڊ فلم جي آفر ٿيڻ ڪا وڏي ڳالهه ناهي پر انسانيت جي خدمت ڪرڻ منهنجي لاءِ وڏي ڪاميابي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔