بجيٽ ۾ کاڌي پيتي جي 5 شين تي سبسڊي لاءِ فنڊز رکڻ جو امڪان

اسلام آباد: نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ وزيراعظم ريليف پيڪيج جي تحت کاڌي پيتي جي 5 بنيادي شين تي سبسڊي لاءِ فنڊز رکڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.

ذريعن موجب صنعت ۽ پيداوار واري وزارت يوٽيليٽي اسٽورز تان نئين مالي سال جون تجويزون گهريون آهن. وزيراعظم ريليف پيڪيج جي لاءِ اهڙين تجويزن کي نئين مالي سال جي بجيٽ جو حصو بنايو ويندو. جڏهن ته موجوده پيڪيج 30 جون تي ختم ٿي ويندو

ذريعن موجب وزيراعظم ريليف پيڪيج جي تحت 5 بنيادي شين تي ماهوار تقريبن 3 ارب روپين جي سبسڊي ڏني پئي وڃي. جن شين تي سبسڊي ڏني پئي وڃي انهن ۾ کنڊ، اٽو، گيهه، داليون ۽ چانورن تي بي آءِ ايس پي صارفين جي لاءِ سبسڊي آهي.

ذريعن ٻڌايو آهي ته يوٽيليٽي اسٽورز تي بي آءِ ايس پي صارفين جي لاءِ کنڊ جي قيمت 109 روپيه في ڪلو مقرر ڪئي وئي آهي جڏهن ته اٽي جو 10 ڪلو جو ٿيلهو 648 روپين ۾ دستياب آهي. يوٽيليٽي اسٽورز تي بي آءِ ايس پي صارفين جي لاءِ گيهه جي في ڪلو قيمت 393 روپيه مقرر آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔