جسٽس محسن اختر ڪياني به توهين عدالت جي ڪارروائي لاءِ چيف جسٽس کي خط لکي ڇڏيو

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني به توهين عدالت جي ڪارروائي لاءِ چيف جسٽس کي خط لکي ڇڏيو

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي سينيئر ترين جج محسن اختر ڪياني اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق کي خط لکي سوشل ميڊيا تي پنهنجي خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي جي استدعا ڪئي آهي

ان کان اڳ جسٽس بابر ستار سوشل ميڊيا تي هلندڙ مهم تي توهين عدالت جي ڪارروائي لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي خط لکيو هو، جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو هو ته خط کي توهين عدالت ۾ تبديل ڪري ڪارروائي ڪئي ويندي

ذريعن جو چوڻ آهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ٻن ججز جي خطن تي ٻڌل بينچ اڄ جوڙڻ جو امڪان آهي، جيڪا ٻن ججز تي سوشل ميڊيا تي ناڪاري پروپئگنڊا خلاف توهين عدالت جا نوٽيس جاري ڪندي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔