امن امان جي صورتحال اولين ترجيح هوندي: فيصل ڪريم

پشاور: خيبرپختونخواهه جي نامزد گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته خيبرپختونخواهه دهشتگردي جو شڪار آهي، امن امان جي صورتحال پهرين ترجيح هوندي.پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته هو وفاق ۽ صوبي وچ ۾ پُل جو ڪردار ادا ڪندو، هو ٽرين نه ٿا چاهين.هن چيو ته وفاقي حڪومت صوبي کي ساليانو 100 ارب رپيا ڏيڻا آهن، هو مرڪز سان صوبي جي وکالت ڪندا، ڪوشش ڪندا ته فنڊ حاصل ڪيا وڃن جنهن سان ترقي ٿيندي. فيصل ڪريم ڪنڊي جو چوڻ آهي ته هو وفاق ۽ صوبي وچ ۾ پُل جو ڪردار ادا ڪندا، ڪي پي ڪي جي وڏي وزير سان سهڪار سان مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔