سڪس جي سان بي مثال امڪان پيدا ٿيندا، دبئي جو اهم اعلان

ڪراچي : دبئي جي ٽي ڊي آر اي 2030 تائين سڪس جي جي ترقي لاءِ حڪمت عملي جو اعلان ڪيو آهي. خليفا يونيورسٽي جي اڳواڻي ۾ هڪ ڪاميٽي جاچ ۽ معيارن تي ڪم ڪري رهي آهي. عالمي پليٽ فارمز ۽ شعبن سان گڏجي آءِ سي ٽي ريگيوليٽري سينڊ باڪس ذريعي سڪس جي تي تجربا ڪيا پيا وڃن. هن ٽيڪنالاجي ۾ معيار ۽ محفوظ ڪنيڪٽيويٽي تي ڌيان ڏنو ويو آهي.سڪس جي تيار ڪرڻ ۾ هٿرادو ذهانت، روبوٽڪس ۽ صحت ۾ اڳڀرايون شامل آهن جيڪي مختلف شعبن ۾ انقلاب آڻينديون. هي منصوبو ٽيلي ڪميونيڪيشن شعبي ۾ انقلاب آڻي سگهي ٿو ۽ بي مثال امڪان پيدا ڪري ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔