خيبر ۾ سيڪيورٽي فورسز جو آپريشن، 3 دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي: سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي ضلعي خيبر ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو.

آءِ ايس پي آر موجب آپريشن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ دوران 3 دهشتگرد مارجي ويا، دهشتگردن جو اڳواڻ سهيل عرف عظمتو، حاجي گل عرف زرقادي مارجي ويلن ۾ شامل آهي.

آءِ ايس پي آر موجب آپريشن ۾ دهشتگردن جو ٺڪاڻو به تباهه ڪيو ويو، مارجي ويل دهشتگردن وٽان هٿيار ۽ بارودي مواد به هٿ ڪيو ويو آهي. مارجي ويل دهشتگرد علائقي ۾ دهشتگردي جي ڪيترين ئي ڪاررواين ۾ ملوث هئا.

آءِ ايس پي آر موجب علائقي جي مقامي ماڻهن سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي جي تعريف ڪئي ڪنهن به ٻئي دهشتگرد جي خاتمي لاءِ علائقي ۾ سينيٽائيزيشن آپريشن جاري آهي، سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔