واٽس ايپ ۾ بنا انٽرنيٽ فائيل شيئر ڪرڻ جي سهولت

ڪراچي: واٽس ايپ هڪ بهترين فيچر تي ڪم ڪري رهيو آهي جيڪو انٽرنيٽ کان سواءِ به دوستن سان فائل شيئر ڪرڻ آسان بڻائيندو. هي فيچر توهان جي تصويرن، وڊيوز ۽ ٻين دستاويزن کي شيئر ڪرڻ جو طريقو بدلائي ڇڏيندو. جيڪڏهن توهان اينڊرائيڊ فونز ۾ Near by Share نالي فيچر استعمال ڪيو آهي ته پوءِ توهان کي واٽس اپ جو هي نئون فيچر ضرور پسند ايندو. هي فيچر استعمال ڪرڻ لاءِ لازم آهي ته جنهن کي فائيل موڪليو ٿا اهو اوهان جي ڪانٽيڪٽ لسٽ ۾ هجي ۽ هو اهو فائيل وصول ڪرڻ جي اجازت ڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔