جيڪا تياري ڪئي ان موجب نه کيڏياسين،وومين ڪوچ

ڪراچي: پاڪستان وومين ڪرڪيٽ ٽيم جي عبوري هيڊ ڪوچ محتشم رشيد جو چوڻ آهي ته ويسٽ انڊيز سٺي ڪرڪيٽ کيڏي، کين مبارڪباد ڏيان ٿو.محتشم رشيد چيو ته اسان جيڪا تياري ڪئي هئي ان موجب نه کيڏيو، ورلڊ چيمپيئن شپ جا پوائنٽس اهم هئا جيڪي حاصل نه ڪري سگهياسين.هن چيو ته ٽيم ۾ واپسي ڪندڙ طوبا حسن تمام سٺي بالنگ ڪئي ۽ بيٽنگ ۾ به پنهنجا جوهر ڏيکاريا،محتشم رشيد چيو ته اسان ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي تياري ڪري رهيا آهيون، ورلڊ ڪپ کان اڳ سمورن رانديگرن کي موقعو ڏئي سٺي ٽيم تيار ڪرڻي آهي، اسان جون نظرون ترقي تي آهن، نئين رانديگرن کي موقعو ڏينداسين ته هو پاڻ کي ثابت ڪن.وومين ٽيم جي عبوري هيڊ ڪوچ چيو ته عائشه ظفر، گل فيروزه، رمان شميم سٺو کيڏي رهيا آهن، ٽي 20 ۾ اسان جو سٺو رڪارڊ آهي، سيريز ۾ سٺي ڪرڪيٽ ڏسڻ ۾ ايندي.هن چيو ته هو انگلينڊ کي پنهنجي گهر تي کيڏي رهيا آهن ان ڪري ايندڙ سيريز تمام اهم آهي، انگلينڊ خلاف پوائنٽس حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔